عام چونڊن دوران ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سياسي پارٽين جي ڪارڪنن ۾ جهيڙن دوران 2 ڄڻا مارجي ويا
عام چونڊن دوران ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سياسي پارٽين جي ڪارڪنن ۾ جهيڙن دوران 2 ڄڻا مارجي ويا، 6 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جڏهن ته اڪثر شهرن ۾ ڇڪتاڻ سبب پولنگ ڪجهه وقت لاءِ روڪي وئي.
صوابي جي پي ڪي 47 جي علائقي نوان ڪلي ۾ تحريڪ انصاف ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو.
گولين لڳڻ جي نتيجي ۾ تحريڪ انصاف جا 2 ڪارڪن مارجي ويا ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن نوان ڪلي پولنگ اسٽيشن تي ووٽنگ جو عمل ڪجهه دير لاءِ روڪيو ويو.
بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ پولنگ اسٽيشن اندر اڻوڻندڙ واقعا پيش آيا، قلعا عبدالله ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
پوليس ۽ پاڪ فوج جي جوانن ترت ڪارروائي ڪندي 3 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان ڪلاشنڪوف ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو.
اهڙي ريت پنجاب جي مختلف علائقن ۾ پولنگ اسٽيشنز ۾ نون ليگ ۽ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ ڏسڻ ۾ آئي، مڇريل ڪارڪنن هڪٻئي جي قيادت خلاف نعريبازي ڪئي.
ملتان جي اين اي 155 جي شمس آباد پولنگ اسٽيشن تي تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۾ جهيڙ ٿي پيو، جنهن دوران مڇريل ماڻهن ڪيترن ئي گاڏين جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا…………………