عام چونڊن ۾ سياسي اڳواڻن طرفان به ووٽ ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي

عام چونڊن ۾ سياسي اڳواڻن طرفان به ووٽ ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر ۽ صنم ڀٽو نئون ديرو ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو.

 پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نئون ديرو جي پولنگ اسٽيشن پرائمري اسڪول ٿري ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو.

بلاول ڀٽو پاران ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي موقعي تي سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا وياهئا.

بلاول ڀٽو جي سڪيورٽي عملي کي به پولنگ اسٽيشن ٻاهران روڪيو ويو،جڏهن ته ميڊيا کي به اندر وڃڻ نه ڏنو ويو.

جڏهن ته ان کان اڳ ۾ پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپر ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي ڀيڻ صنم ڀٽو به نئون ديرو جي پرائمري اسڪول ٿري واري پولنگ اسٽيشن تي پنهنجو ووٽ ڏنو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*