سکر ضلعي ۾ ووٽنگ جو عمل جاري آهي، پولنگ دوران سڪيورٽي جا انتظام  سخت  ڪيا ويا آهن

سکر ضلعي ۾ ووٽنگ جو عمل جاري آهي، پولنگ دوران سڪيورٽي جا انتظام  سخت  ڪيا ويا آهن، حساس پولنگ اسٽيشنز تي وڏي انگ ۾  اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

سکر ضلعي جي مختلف علائقن ۾ قائم پولنگ اسٽيشنز تي ووٽنگ جو عمل جاري آهي، مرد توڙي عورت ووٽرز قطارن ۾ بيهي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن.

سکر ضلعي ۾ 2 قومي ۽  4 صوبائي سيٽن لاءِ  6 لک ستر هزار  161 ووٽرز رجسٽرڊ آهن،ضلعي ۾ مرد ووٽرن جو تعداد 3 لک 67 هزار 156 آهي، ته جڏهن ته عورت ووٽرن جو انگ 3 لک 3 هزار105  آهي.

 ضلعي ۾ ٻن قومي ۽ چئن صوبائي سيٽن لاءِ 587پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن،جن مان 168پولنگ اسٽيشنز کي حساس ۽ 222 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*