ڪراچي  جي تڪ اين اي  239 ۾ ڌانڌلي جي ڪوشش ڪرڻ تي عورت سميت 8 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي

ڪراچي  جي تڪ اين اي  239 ۾ ڌانڌلي جي ڪوشش ڪرڻ تي عورت سميت 8 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس موجب، سمورن ماڻهن کي مختلف پولنگ اسٽيشنز تان گرفتار ڪيو ويو آهي، الفلاح پولنگ اسٽيشن ۾ ووٽر وٽان جعلي فارم هٿ آيو، جنهن کي جوابدار پولنگ ايجنٽس کي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.

ڪراچي  جي تڪ اين اي  239 ۾ پوليس ڌانڌلي جي ڪوشش ڪرڻ تي عورت سميت 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

ايس ايس پي ڪورنگي موجب، سمورن ماڻهن کي مختلف پولنگ اسٽيشنز تان گرفتار ڪيو ويو آهي،

پوليس موجب، الفلاح پولنگ اسٽيشن ۾ ووٽر وٽان جعلي فارم 45 هٿ آيو، جنهن کي جوابدار پولنگ ايجنٽس کي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.

پوليس موجب، جوابدار پريزائيڊنگ آفيسر جي نشاندهي تي گرفتار ڪيو ويو آهي .

هوڏانهن لياري جي بهار ڪالوني ۾ هڪ شڪي شخص پاڻ کي پوليس آفيسر ڄاڻائيندي پولنگ اسٽيشن اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ڊيوٽي تي مقرر پوليس اهلڪارن کيس سوگهو ڪري ورتو.

شڪي شخص ان باوجود پولنگ اسٽيشن اندر وڃڻ لاءِ اسرار ڪندو رهيو، جنهن کان پوءِ اهلڪارن کيس تشدد ڪري زخمي ڪري وڌو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*