سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ووٽنگ دوران جهيڙن جي نتيجي ۾ 33 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ووٽنگ دوران جهيڙن جي نتيجي ۾ 33 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

کپري ويجهو ڳوٺ يامين هنڱورجو ۾ ٻن سياسي پارٽين جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

زخمين ۾ عابد هنڱورجو، نظرمحمد، انور، ميرمحمد مري، علي حسن مري، ڪنڊو مري ۽ انور مري شامل آهن.

گولاڙجي جي چڪ نمبر هڪ واري پولنگ اسٽيشن ۾ ٻن سياسي ڌرين ۾ جهيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ميهڙ ڀرسان قاضي عارف ڳوٺ ۾ ٻن سياسي ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال نيو ويو .

خيرپورناٿن شاهه ويجهو ڳوٺ ماڏو ۾ ٻن سياسي ڌرين جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿيڻ سبب 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي مقامي اسپتال نيو ويو.

پولنگ ۾ ووٽنگ جو عمل ٿوري دير بند ڪرڻ بعد ٻيهر شروع ڪيو ويو.

سانگهڙ ڀرسان ڳوٺ اسماعيل راڄڙ ۾ عورتن جي پولنگ اسٽيشن تي ٻن سياسي ڌرين جي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڪارڪن زخمي ٿي پيا.

مڇريل ماڻهن گاڏين جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا، پولنگ اڌ ڪلاڪ بند ڪرڻ کانپوءِ ٻيهر بحال ڪيو ويو.

هالا ڀرسان لقمان ڪوريجو پولنگ اسٽيشنز ۾ ٻن سياسي ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال نيو ويو،جڏهن ته پولنگ جو عمل ٿوري وقت لاءِ روڪڻ بعد ٻيهر شروع روڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*