ڪراچي جو عوام اڄ پنهنجو فيصلو ڏيندو، جنهن ۾ متحده پاڪستان سموريون روايتي سيٽيون حاصل ڪندي, ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ فاروق ستار

ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته ڪراچي جو عوام اڄ پنهنجو فيصلو ڏيندو، جنهن ۾ متحده پاڪستان سموريون روايتي سيٽيون حاصل ڪندي.

ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ گهران نڪرڻ وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ڪوڊ آف ڪنڊيڪٽ تحت هڪ پولنگ اسٽيشن تي 12 سئو کان وڌيڪ ووٽ نه هئڻ گهرجن پر اين اي 247 تي پولنگ اسٽيشن تي 22 سئو کان 25 سئو ووٽ رجسٽر ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته هو سمجهي ٿو ته هڪ پولنگ اسٽيشن تي ايترا ووٽر رجسٽر هوندا ته سڄي ڏينهن ۾ سڄا ووٽ ڪاسٽ نه ٿي سگهندا.

فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم کي چونڊ مهم هلائڻ جو موقعو نه مليو، جيڪڏهن ووٽرز وڏي انگ ۾ نڪتا ته ڪنهن کي به ڌانڌلي ڪرڻ جو موقعو نه ملندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*