ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين نيوز جي رپورٽر محبوب جوکيو جي اوطاق تي فائرنگ جي نتيجي ۾ سندس سئوٽ قتل، ڀاءُ زخمي

ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين نيوز دولت پور جي رپورٽر محبوب جوکيو جي اوطاق تي هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ سندس سئوٽ قتل ۽ ڀاءُ  زخمي ٿي پيو.

ڳوٺ مٺاخان جوکيو ۾ 6 کان وڌيڪ هٿياربندن ڪي ٽي اين نيوز جي رپورٽر محبوب جوکيو جي اوطاق تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سندس سئوٽ محمد ابراهيم جوکيو ٿڏي تي مارجي ويو ۽ سندس  ڀاءُ عبدالستار جوکيو سخت زخمي ٿي پيو.

اطلاع باوجود پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي جنهن بعد وارثن مارجي ويل نوجوان جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي دولتپور اسپتال منتقل ڪيو.

دولتپور اسپتال ۾ ڊاڪٽرز ۽ سهولتن جي کوٽ سبب زخمي کي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

 مارجي ويل نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته کين ڪجهه ڏينهن کان ڌمڪيون ملي رهيون هيون، پوليس کي آگاهه ڪرڻ باوجود کين نظر انداز ڪيو ويو.

هنن مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*