عام چونڊن ۾ چيف جسٽس، آرمي چيف، نگران وزيراعظم سميت سياسي اڳواڻن به پنهنجو قومي فرض انجام ڏيندي پولنگ اسٽيشنز پهچي ووٽ ڪاسٽ ڪيا آهن

عام چونڊن ۾ چيف جسٽس، آرمي چيف، نگران وزيراعظم سميت سياسي اڳواڻن به پنهنجو قومي فرض انجام ڏيندي پولنگ اسٽيشنز پهچي ووٽ ڪاسٽ ڪيا آهن.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه گهر واري سوڌو راولپنڊي جي صوبائي تڪ پي پي 11 جي پولنگ اسٽيشن پهچي ووٽ جو حق استعمال ڪيو.

آرمي چيف ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانپوءِ چيو ته اڄ ووٽ ذريعي دشمن قوتن کي شڪست ڏيڻ جو ڏينهن آهي.

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار مالاڪنڊ ۾ ووٽ جو حق استعمال ڪيو.

چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته وڌ کان وڌ عوام ووٽ جو حق استعمال ڪري جمهوريت کي مضبوط ڪري.

اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف اڊيالا جيل ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو، جڏهن ته سندس امڙ لاهور جي قومي تڪ اين اي 104 تي ووٽ ڪاسٽ ڪيو.

پاڪستان مسلم ليگ نون جي صدر شهباز شريف جونئير ماڊل اسڪول ماڊل ٽائون لاهور ۾  ووٽ ڪاسٽ ڪيو.

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اين اي 53 اسلام آباد تي ووٽ ڪاسٽ ڪيو.

عمران خان چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪئمرا جي سامهون ووٽ ڪاسٽ ڪيو، جنهن جو اليڪشن ڪميشن نوٽيس ورتو آهي.

ليگي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر سردار اياز صادق لاهور جي هاءِ اسڪول ڳڙهي شاهو پولنگ اسٽيشن ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر اين اي 54 اسلام آباد ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو.

جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ڊيرا اسماعيل خان ۾ هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ قائم پولنگ اسٽيشن پهچي ووٽ ڪاسٽ ڪيو.

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق دير جي قومي تڪ تي ووٽ ڪاسٽ ڪيو…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*