اسلام آباد ۾ گهر اندر باهه لڳڻ سبب هڪ عورت ۽ 3 ٻارڙا سڙي فوت ٿي ويا

اسلام آباد ۾ گهر اندر باهه لڳڻ سبب هڪ عورت ۽ 3 ٻارڙا سڙي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ عورت زخمي ٿي پئي، پوليس موجب، باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي آهي.

اسلام آباد  جي سيڪٽر جِي 6 ون واري علائقي ۾ هڪ گهر اندر باهه لڳي وئي.

باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ عورت ۽ 3 ٻارڙا ساهه سڙي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ عورت سڙي زخمي ٿي پئي،

اطلاع تي پوليس ۽ رضاڪارن پهچي سڙي فوت ٿيلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس موجب فوتين ۾ بلقيس، عبدالله، عائشه ۽ آمنا شامل آهن.

ريسڪيو ذريعن موجب، گهر کي باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*