ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي سمورين 21 سيٽن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نيتيجن موجب

ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي سمورين 21 سيٽن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نيتيجن موجب، 14 سيٽون تحريڪ انصاف کنيون آهن، ايم ڪيو ايم 4 ۽ پيپلزپارٽي 3 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي.

ڪراچي ۾ تحريڪ انصاف ميدان ماري وئي آهي، سڀ کان گهڻيون سيٽون کڻي پهرين نمبر تي اچي وئي آهي. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم سڀ کان گهٽ قومي اسيمبلي جون سيٽون کنيون آهن

وفاق ۽ ۽ پنجاب ۾ ن ليگ  کي شڪست ڏيندڙ تحريڪ انصاف ڪراچي ايم ڪيو ايم  پاڪستان کي  به تمام گهڻو پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.

اين اي 236 ملير جي سمورين پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب،  پيپلزپارٽي جو اميدوار عبدالڪريم بلوچ 66 هزار 6 سئو 23 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ اميدوار مسرور علي سيال 26 هزار 4 سئو 56 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.

مسلم ليگ ن جي اميدوار قادر بخش 9839 ووٽ کڻي سگهيو.

اين اي 237  ڪراچي تي تحريڪ انصاف جو اميدوار جميل احمد 33 هزار 2 سئو 89 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته پيپلزپارٽي عبدالحڪيم بلوچ 31 هزر 907 سئو ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.

اين اي 238 ڪراچي ملير 3 تي پيپلزپارٽي اميدوار سيد آغا رفيع الله 68 هزار 02 ووٽ  کڻي  ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته پي آر ايڇ پي اميدوار حافظ اورنگزي 4 هزار 674 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.

اين اي 239 ڪورنگي جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب، تحريڪ انصاف اميدوار محمد اڪرم 69 هزار174 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم اميدوار سهيل منصور 68 هزار 811 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.

اين اي 236 ملير جي سمورين پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب،  پيپلزپارٽي جو اميدوار عبدالڪريم بلوچ 66 هزار 6 سئو 23 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ اميدوار مسرور علي سيال 26 هزار 4 سئو 56 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.

اين اي 240 ڪراچي تي ايم ڪيو ايم اميدوار اقبال محمد علي 61165 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي رهيو، جڏهن ته ٽي ايل پي  اميدوار محمد آصف 30 هزار 335 ووٽ حاصل ڪري ٻئي نمبر تي رهيو.

اين اي 241  جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب، پي ٽي آءِ جي اميدوار فهيم خان 26 هزار 706 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اميدوار 23 هزار 873 ووٽ کنيا.

تڪ اين اي 242 جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب، تحريڪ انصاف جي اميدوار سيف الرحمان محسو 27 هزار 3 سئو 33 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، پيپلزپارٽي جي اميدوارمحمد اقبال 11 هزار 823 ووٽ کڻي سگهيو،

اين اي 243 ڪراچي ايسٽ 2  جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب، پي ٽي اءِ سربراهه عمران خان 91 هزار 3 سئو 58 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته متحده قومي موومنٽ جي اميدوار علي رضا عابدي 24 هزار82 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.

اين اي 244 ڪراچي ايسٽ 3  جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب، پي ٽي آءِ اميدوار علي حيدر زيدي 69 هزار 475 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو،  مسلم ليگ ن جي مفتاح اسماعيل 31 هزار 274 ووٽ کڻي  ٻئي نمبر تي رهيو.

اين اي 245 ڪراچي ايسٽ 4  جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب، ڊاڪٽر عامر لياقت حسين 61 هزار 556 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان  جو اميدوار ڊاڪٽر محمد فاروق ستار 24 هزار 735 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.

اين اي 246 ڪراچي جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب، پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي شڪست ملي آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي اميدوار شڪور شاد 246 ووٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.

تحريڪ انصاف جي شڪور شاد 52 هزار 750 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اميدوار احمد 42 هزار 345 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لياري رڳو 39 هززر 3 25 ووٽ کنيا.

اين اي 247 ڪراچي جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب، تحريڪ انصاف اميدوار ڊاڪٽر عارف علوي 91 هزار 20 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته ٻئي تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اميدوار زمان جعفري 24 هزار 680 ووٽ حاصل ڪيا. فاروق ستار 24 هزار 146 ووٽ کڻي ٽئين نمبر تي رهيو.

اين اي 248 ڪراچي جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب،  پيپلزپارٽي جي اميداور عبدالقادر پٽيل 35 هزار 124 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته تحريڪ انصاف اميدار سردار عزيز 34 هزار 101 ووٽ کنيا.

اين جاي 249 ڪراچي ويسٽ جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن  موجب، تحريڪ انصاف جو فيصل واوڊا 35 هزار 344 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته مسلم ليگ ن جو صدر شهباز شريف  34 هزار 626 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.

اين اي 250 ڪراچي ويسٽ 3 تي  تحريڪ انصاف جو عطاءُ الله 36 هزار 49  حاصل ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم اميدوار فياض قائم خاني 29 هزار 86 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.

اين اي 251  جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اميدوار اميدر امين الحق 56 هزار 8سئو 88 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته تحريڪ انصاف اميدوار محمد اسلم 33  هزار 4 سئو 62 ووٽ کڻي ٻئي نمبر رهيو.

اين اي 252 ڪراچي ويسٽ 5 جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب، تحريڪ انصاف اميداور آفتاب شيخ 21 هزار 65 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم  اميدوار ڊاڪٽر عبدالقادر خانزده 17 هزار 8 سئو 58 ووٽ کڻي  ٻئي نمبر تي  رهيو.

اين اي 253  ڪراچي سينٽرل ون تان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اسامه قادري 52  هزار 4 سئو 56 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته تحريڪ  انصاف اميدوار محمد اشرف جبار 49 هزار 145 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.

اين اي 254 ڪراچي سينٽرل 2 عزيز آباد جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب، ايم ڪيو ايم اميداور شِخ صلاح الدين کي تحريڪ انصاف اميدوار محمد اسلم شڪست ڏني.

تحريڪ انصاف جي اميداور محمد اسلم 75 هزار 702 ووٽ کنيا، جڏهن ته شيخ صلاح الدين 48 هزار 8 سئو 13 ووٽ  حاصل ڪيا.

اين اي 255 ڪراچي تان ايم ڪيو ايم اميدوار  خالد مقبول صديقي 59 هزار 807 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته تحريڪ انصاف جو اميدوار محمود علوي 50 هزار 352 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.

اين اي 256 ڪراچي قومي اسيمبلي جي تڪ پي ٽي آءِ جي اميداور نجيب هارون 89 هزار 8 سئو 50  ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. جڏهن ته ايم ڪيو ايم اميدوار عامر چشتي 45 هزار 575 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*