پيپلزپارٽي سنڌ اسيمبلي جون 71 سيٽيون کڻي ورتيو، تحريڪ انصاف 20، ايم ڪيو ايم 12 ۽ جي ڊي اي 11 سيٽون کنيون

پيپلزپارٽي سنڌ اسيمبلي جون 71 سيٽيون کڻي ورتيو، تحريڪ انصاف 20، ايم ڪيو ايم 12 ۽ جي ڊي اي 11 سيٽون کنيون، حيدرآباد ۾  پيپلزپارٽي قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان 2 سيٽون کنيون آهن.

حيدرآباد جي تڪ اين اي 225  تي پيپلزپارٽي اميداور طارق شاهه ڄاموٽ 81 هزار 9 سئو 83 کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته اين اي 226 تي ايم ڪيو ايم اميدوار پاڪستان صابر حسين قائمخاني 46 هزار 6 سئو 40 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.

اين اي 227 حيدر آباد تي ايم ڪيو ايم پاڪستان اميداور صلاح الدين 52 هزار 53 ووٽ کڻي

پي ايس 62 تي پيپلزپارٽي اميداور ڄام خان شورو 35 هزار 276 ووٽ کڻي ڪيامياب  ٿي ويو، جڏهن ته پي ايس 63 حيدر آباد تي پيپلزپارٽي جو اميدوار شرجيل انعام ميمڻ 44 هزار 213 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.

پي ايس 64  حيدرآباد تي پيپلزپارٽي اميدوار عبدالجبار خان 21 هزار 880 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. جڏهن ته پي ايس 65 تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جو اميدوار نديم صديقي 28 هزار 154 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو.

پي ايس 66 حيدرآباد جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اميدوار راشد خلجي 27 هزار 485 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويا.

پي ايس 67 حيدرآباد جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب، ايم ڪيو ايم اميدوار ناصر قريشي 22 هزار 3 سئو 29 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*