نواز ليگ اڳواڻ خواجه سعد رفيق اين اي 131 لاهور تي عمران خان جي ڪاميابي کي چيلينج ڪندي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو مطالبو ڪيو آهي

نواز ليگ اڳواڻ خواجه سعد رفيق اين اي 131 لاهور تي عمران خان جي ڪاميابي کي چيلينج ڪندي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو مطالبو ڪيو آهي، خواجه سعد رفيق جو چوڻ آهي ته پرزائيڊنگ آفيسر چونڊ نتيجن ۾ ڦير ڦار ڪئي آهي.

خواجه سعد رفيق لاهور ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 131 تي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي ڪاميابي کي چيلينج ڪندي ريٽرننگ آفيسر محمد اختر وٽ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

ن ليگ اميدوار درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته پرزائيڊنگ آفيسر چونڊ نتيجن ۾ ڦير ڦار ڪري کيس هارايو آهي.

هن درخواست ۾ اهو به ڄاڻايو ته اين اي 131 جي پرزائيڊنگ آفيسر سندس سوين ووٽ خارج ڪري کيس هارائي چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

واضح رهي ته 25 جولاءِ تي ٿيل عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اين اي 131 لاهور تان 84 هزار 3 سئو 13 ۽ خواجه سعد رفيق 83 هزار 6 سئو 33 ووٽ حاصل ڪيا هئا…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*