اسلام آباد جي احتساب عدالت ناڻي واري اڳوڻي وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن بابت ضمني ريفرنس ۾ شريڪ جوابدارن جون بريت واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن

اسلام آباد جي احتساب عدالت ناڻي واري اڳوڻي وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن بابت ضمني ريفرنس ۾ شريڪ جوابدارن جون بريت واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن.

اسلام آباد جي احتساب عدالت جَي جج محمد بشير نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار خلاف ضمني ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ضمني ريفرنس ۾ شريڪ جوابدارن بريت جي درخواست داخل ڪرائي، جيڪا عدالت اعتراض واريندي رد ڪر ي ڇڏي.

عدالت 3 آگسٽ تائين سمورن شاهدن کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

واضح رهي ته اسحاق ڊار پرڏيهه ۾ آهي، سندس ريڊ وارنٽ جاري ٿي چڪا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*