حڪومت ڪيئن ٺاهجي، هم خيال جماعتن سان اتحاد ڪجي يا آزاد اميدوارن کي شامل ڪجي

حڪومت ڪيئن ٺاهجي، هم خيال جماعتن سان اتحاد ڪجي يا آزاد اميدوارن کي شامل ڪجي؟، تحريڪ انصاف مشاورت ۽ رابطن جو سلسلو وڌائي ڇڏيو.

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان اسلام آباد ۾ پارٽي اڳواڻن کي گهرائي حڪومتي معاملن تي مشاورت ڪئي، جنهن دروان مختلف معاملن تي صلاح مشورا ڪيا ويا.

ذريعن موجب، عمران خان جي هدايت تي پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين بلوچستان ۽ پنجاب جي پارٽي اڳواڻن سان فون تي رابطا ڪري آزاد اميدوارن جا تفصيل ورتا آهن.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته تحريڪ انصاف حڪومت ٺاهڻ لاءِ آزاد اميدوارن کي شامل ڪرڻ واري آپشن تي غور ڪري رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*