سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري،  اسلام آباد جي نئين ايئرپورٽ جي عمارت اندر برساتي پاڻي بيهڻ واري معاملي تي رپورٽ رد ڪندي 31 جولاءِ تائين حتمي جواب طلب ڪري ورتو آهي

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري،  اسلام آباد جي نئين ايئرپورٽ جي عمارت اندر برساتي پاڻي بيهڻ واري معاملي تي رپورٽ رد ڪندي 31 جولاءِ تائين حتمي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري جي 3 رڪني بينچ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي عمارت ۾ برساتي پاڻي بيهڻ واري معاملي تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته ايئرپورٽ انتظاميا فوري طور عمارت ۾ بيٺل برساتي پاڻي نيڪال ڪيو هو.

عدالت ڊپٽي ڊائريڪٽر  جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته ايئرپورٽ جي عمارت ۾ بيٺل پاڻي جي وڊيو هلائي وئي.

عدالت ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل سان مخاطب ٿيندي ريمارڪس ڏنا ته غلط رپورٽ پيش ڪرڻ تي ڇونه ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.

سپريم ڪورٽ رجسٽري ايئرپورٽ انتظاميا ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 31 جولاءِ تائين حتمي جواب طلب ڪري ورتو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*