ن ليگ ۽ متحده مجلس عمل چونڊ نتيجن خلاف اڄ اسلام آباد ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي ورتي

ن ليگ ۽ متحده مجلس عمل چونڊ نتيجن خلاف اڄ اسلام آباد ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي ورتي، جنهن ۾ چونڊ نتيجا ڪالعدم قرارڏيڻ سميت احتجاج واري آپشن تي غور ڪيو ويندو.

اسلام آباد ۾ ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس جي صدارت جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ڪندو، جنهن ۾ پيپلز پارٽي سميت ٻين پارٽين کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.

ايم ايم اي سربراهه مولانا فضل الرحمان گذريل ڏينهن چونڊ نتيجن کي رد ڪندي اعلان ڪندي ٻين پارٽين سان صلاح مشورا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.

مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته هي عوامي مينڊيٽ تي ڌاڙو آهي، تاريخ جي بدترين ڌانڌلي ڪئي وئي، هو نه پاڻ سک سان ويهندا ۽ نه ئي وري ٻين کي ويهڻ ڏيندا.

ٻئي پاسي ن ليگ وفاق ۾ اپوزيشن ۾ ويهڻ جو اعلان ڪيو آهي، شهباز شريف جو چوڻ هو ته قومي اسيمبلي ۾ مضبوط اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*