سن، ٽنڊوالهيار ۽ ٽنڊو غلام علي ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ نوجوان فوت ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

سن، ٽنڊوالهيار ۽ ٽنڊو غلام علي ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ نوجوان فوت ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

سن ويجھو انڊس ھاءِ وي تي رستي تان گذرندڙ ٻارڙيءَ کي بچائيندي ڪار ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ نوان هالا جو ايس ايڇ او محمد خان پنهور ۽ بابر علي ڀٽي سخت زخمي ٿي پيا.

حادثي جو شڪار ٿيلن کي سن رورل هيلٿ سينٽر پهچايو ويو، جتي طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ سندن علاج هلندڙ آهي.

ٽنڊوالھيار ۾ مريد موري اسٽاپ لڳ موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب نوجوان دريا خان لنڊ ٿڏي تي فوت ٿي ويو.

فوتي نوجوان جو لاش پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

ٽنڊو غلام علي ويجهو ڏهون واٽر اسٽاپ وٽ پڪ اپ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

زخمين مان ٽن ڄڻن علي نواز نهڙيو، دلاور ۽ احمد خاصخيلي ڳڻتي جوڳي حالت هئڻ ڪري حيدر آباد سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*