ڪراچي ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ميجر (ر) اعظم سليمان خان جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو

ڪراچي ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ميجر (ر) اعظم سليمان خان جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو. آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي چيو آهي ته ملڪ جي 30 سالا تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ پرامن چونڊون ٿيون  آهن، صوبائي ايلڪشن ڪمشنر محمد يوسف خان خٽڪ چيو ته سنڌ حڪومت چونڊن لاءِ سيڪيورٽي جا بهترين انتظام ڪيا هئا

ڪراچي ۾ چيف سيڪريٽري سنڌميجر (ر) اعظم سليمان خان جي صدارت ۾ اهم اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ، صوبائي ايلڪشن ڪمشنر، سينيئر ميمبر بورڊ آف ريوينيو، گهرو سيڪريٽري، ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ميجر (ر) اعظم سليمان خان چيو ته نگرنا وڏي وزير فضل الرحمان جي  نگراني ۾ چونڊ عمل ڪامياب رهيو، سيڪيورٽي خطرن باوجود پرامن چونڊون ڪرائڻ وڏو چيلنج هيو.

اعظم سليمان خان چيو ته چونڊن دوران پوليس، رينجرز ، آرمي ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو سهڪار مثالي هو. هي سنڌ صوبي جون سڀ کان  وڌيڪ پرامن چونڊون آهن،

چيف سيڪريٽري چيو ته اليڪشن جاضابطه اخلاق لاڳو ڪرڻ لاءِ سنڌ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان اڳتي رهيو. مسنگ فيسلٽيز جي فراهمي ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳائڻ وارو عمل به بهتر انداز ۾ ٿيو.

صوبائي ايلڪشن ڪمشنر محمد يوسف خٽڪ چيو ته سنڌ حڪومت چونڊن لاءِ سيڪيورٽي جا  بهترين انتظام ڪيا.

آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي چيو ته ملڪي 30 سالا تاريخ ۾ هي سڀ کان پرامن چونڊون ٿيون آهن. ……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*