ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ، اربين رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي دوران پيپلزپارٽي اڳواڻ فريال ٽالپر جي 16 آگسٽ تائين گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور

ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ، اربين رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي دوران پيپلزپارٽي اڳواڻ فريال ٽالپر جي 16 آگسٽ تائين گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪندي کيس 20 لک رپيا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم  ڏئي ڇڏيو آهي.

بينڪنگ ڪورٽ ۾ اربين رپيا مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، پيپلزپارٽي اڳواڻ  فريال ٽالپر ۽ سندس وڪيل فاروق ايڇ نائڪ پيش ٿيا.

عدالت فريال ٽالپر جي 16 آگسٽ تائين تائين گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي.

عدالت  فريال ٽالپر کي 20 لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي.

واضح رهي ته ان کان اڳ فريال ٽالپر جي سنڌ هاءِڪورٽ لاڙڪاڻي بينچ تان حفاظتي ضمانت منظور ڪئي هئي، جڏهن ته کيس بينڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو به حڪم ڏنو ويو هو.

ايف آءِ اي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي چالان ۾ مفرور ظاهر ڪيو هو، جڏهن ته حسين لوائي ۽ طحه رضا گرفتار آهن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*