ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ڪي پي ٽي ۾ جعلي ڀرتين جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻي چيئرمين جاويد حنيف خلاف ريفرنس پيش نه ٿي سگهيو

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ڪي پي ٽي ۾ جعلي ڀرتين جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻي چيئرمين جاويد حنيف خلاف ريفرنس پيش نه ٿي سگهيو، نيب چيو آهي ته  ريفرنس تيار آهي، منظوري لاءِ نيب چيئرمين ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي، هڪ مفرور جوابدار بابر غوري کي گرفتار ڪرڻو آهي، ٿورو وقت ڏنو وڃي.

ڪراچي جي احتساب عدالت ڪي پي ٽي ۾ جعلي ڀرتين جي ڪيس ٻڌڻي ٿي، اڳوڻي چيئرمين  جاويد حنيف خلاف ريفرنس پيش نه ٿي سگهيو.

نيب  جي جاچ آفيسر چيو آهي ته ريفرنس تيار آهي، جيڪو منظوري لاءِ نيب چيئرمين ڏانهن موڪليو ويو آهي. هڪ جوابدار  بابر غوري مفرور آهي، جنهن کي گرفتار ڪرڻو آهي. جنهن سبب ٿورو وقت ڏنو وڃي.

نيب چيو ته جوابدار تي ڪرپشن، اختيارن جو ناجائز استعمال ۽ غير قانوني ڀرتيون ڪرڻ جو الزام آهي.

نيب موجب، جوابدار پورٽ اينڊ شپنگ جي وزير بابر غوري جي مدد سان ڀرتيون ڪيو، جيڪا قانون جي  ڀڃڪڙي آهي.

نيب چيو ته اشتهارن بنا وڏي پئماني تي ڀرتيون ڪيون ويون آهن، جوابدار وڏي تعداد ۾ ماڻهو ڀرتي ڪيا ۽ قومي ناڻي کي نقصان پهچايو.

عدالت ڪي پي ٽي ۾ جعلي ڀرتين  واري ڪيس جي ٻڌڻي 8 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*