سنڌ هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي دوران نامزد جوابدار شير محمد مغيري جي حفاظتي ضمانت واري درخواست منظور ڪندي کيس 2 لک مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم  ڏئي ڇڏيو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي دوران نامزد جوابدار شير محمد مغيري جي حفاظتي ضمانت واري درخواست منظور ڪندي کيس 2 لک مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم  ڏئي ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي آصف علي زرداري، فريال ٽالپر، حسين لوائي ۽ ٻين خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران نامزد جوابدار شير محمد مغيري 7 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت داخل ڪرائي وئي، جيڪا عدالت منظورڪري ورتي،

عدالت جوابدار شير محمد مغير کي 2 لک مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو،

عدالت  جوابدار شير محمد مغير کي ستن ڏينهن دوران لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.

واضح رهي ته ساڳئي ڪيس ۾ عدالت فريال ٽالپر ۽ شهزاد جتوئي حفاظتي ضمانت منظور ڪري چڪي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*