آمريڪا تبت کي چين جو حصو تسليم ڪندي بيجنگ سان عسڪري سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪري ورتو

آمريڪا، تبت کي چين جو حصو تسليم ڪندي بيجنگ سان عسڪري سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي  ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار وڌائڻ،تجارتي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي بهتر بنائڻ سميت گرين هائوس گئس جي خارج ڪرڻ  ۾ گهٽتائي آڻڻ جي نئين حدف جو اعلان به ڪيو آهي.

 صدر براڪ اوبامه چيو آهي ته داعش سميت ٻين دهشتگرد تنظيمن خلاف چين جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي.

چين جي دوري تي پهتل، آمريڪي صدر براڪ اوبامه بيجنگ ۾ چيني هم منصب زي جن پنگ سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻنهي ملڪن ۾ عسڪري سهڪار وڌائڻ سميت لاڳاپا بهتر  بڻائڻ  تي اتفاق ڪيو ويو.

ان موقعي تي صدر براڪ اوباما جو چوڻ هو ته اهو تاريخي قدم آهي ڇاڪاڻ ته امريڪا عالمي سطح تي 2005 جي مقابلي ۾ 2025 تائين گرين هائوس گئس جي خارج ڪرڻ ۾ 26 کان 28 سيڪڙو تائين گهٽتائي جو نئون حدف مقرر ڪيو آهي.

اهو پهريون موقعو آهي جڏهن دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آلودگي ڦيلائڻ واري ملڪ چين ڪيميائي آلودگي جي خارج ڪرڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ ڪنهن تاريخ جو اعلان ڪيو آهي.

ملاقات کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي آمريڪي صدر براڪ اوبامه چيو ته آمريڪا، تبت کي چين جو حصو تسليم ڪري ٿو، چين تبت ۾ رهندڙ ماڻهن جو انفرادي تحفظ ڪري.

براڪ اوبامه چيو ته ماحولياتي گدلاڻ کي روڪڻ لاءِ چين جا قدم ساراهه جوڳا آهن، آمريڪا ايشيائي ملڪن سان سهڪار وڌائڻ ۽ لاڳاپا بهتر بڻائڻ جو خواهشمند آهي.

آمريڪي صدر چيو ته داعش ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن خلاف چين جا قدم ساراهه جوڳا آهن.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*