گهوٽڪي ويجهو قومي شاهراهه تي موٽر سائيڪل کي ٽرالر جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻارڙيءَ سميت 3 ڄڻا فوت ۽ عورت زخمي ٿي پئي آهي

گهوٽڪي ويجهو قومي شاهراهه تي موٽر سائيڪل کي ٽرالر جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻارڙيءَ سميت 3 ڄڻا فوت ۽ عورت زخمي ٿي پئي آهي.

اينگرو پلانٽ وٽ تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو،جنهن جي نتيجي ۾ صالح پٽ واسي ڪرشن ، جواهر لال ۽ فوتي جواهر لال جي تازو ڄاول ڌيءُ فوت ٿي وئي، جڏهن ته هڪ عورت بنديا زال جواهر لال زخمي ٿي پئي.

اطلاع تي پوليس موقعي تي پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي تعلقي اسپتال گهوٽڪي پهچايو.

گهوٽڪي پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ٻڌايو وڃي ٿو ته حادثي جو شڪار ٿيل موٽرسائڪل سوار صالح پٽ واسي  ڏهرڪي وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*