نواز ليگ اڳواڻ حمزه شهباز چونڊن ۾ پري پول ڌانڌلي جو الزام مڙهيندي چيو آهي ته اڪثريت باوجود پنجاب ۾ ن ليگ کي حڪومت ٺاهڻ کان روڪيو ويو ته ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي

نواز ليگ اڳواڻ حمزه شهباز چونڊن ۾ پري پول ڌانڌلي جو الزام مڙهيندي چيو آهي ته اڪثريت باوجود پنجاب ۾ ن ليگ کي حڪومت ٺاهڻ کان روڪيو ويو ته ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي، عمران خان کي ڳالهين بدران ڪم ڪرڻو پوندو.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حمزه شهباز چيو ته عمران خان پريس ڪانفرنس ۾ سٺيون ڳالهيون ڪيون، پر کيس ڳالهين بدران ڪم ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته نواز شريف خيبرپختونخواهه ۾ تحريڪ انصاف کي حڪومت ٺاهڻ جو موقعو ڏنو هو ۽ هاڻي نواز ليگ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ سيٽون کڻي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي آهي.

هن چيو ته اڪثريت باوجود ن ليگ کي پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ کان روڪيو ويو ته ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي.

حمزه شهباز وڌيڪ چيو ته، نواز ليگ جي حڪومتي دور ۾ وڏي پئماني تي ترقياتي ڪم ڪيا، پر موجوده اليڪشن ۾ پري پول ڌانڌلي ڪري ن ليگ کي هارايو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*