لاڙڪاڻي ۾ عدالت فراڊ جي ڪيس ۾ اڳوڻي مختيارڪار۽ تپيدار سميت 4 جوابدارن کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي

لاڙڪاڻي ۾ عدالت فراڊ جي ڪيس ۾ اڳوڻي مختيارڪار۽ تپيدار سميت 4 جوابدارن کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

اينٽي ڪرپشن عدالت اڳوڻي مختيارڪار نياز سيال، تپيدار شير محمد سيال، مشتاق ميراڻي ۽ عرس ميراڻي کي ست ست سال قيد ۽ 50-50 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.

اڳوڻي مختيارڪار نياز سيال۽ تپيدار شير محمد سيال تي نئون ديرو ۾هڪ جڳهه جا ڪوڙا ڪاغذ ٺاهڻ ۽ جڳهه ٻن ڪرائيدارن مشتاق ميراڻي ۽ عرس ميراڻي جي نالي ڪري ڇڏي آهي.

سزا ٻڌائڻ جي موقعي تي اڳوڻو مختيارڪار نياز سيال۽ تپيدار شير محمد سيال عدالت ۾ موجود هئا، جن کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*