ڪنڌ ڪوٽ ۾ متحده مجلس عمل جي ڪارڪنن اين اي 197۽ پي ايس 5 جا چونڊ نتيجا رد ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪيو

ڪنڌ ڪوٽ ۾ متحده مجلس عمل جي ڪارڪنن اين اي 197۽ پي ايس 5 جا چونڊ نتيجا رد ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 ايم ايم اي ڪارڪنن حافظ شفيع محمد کوسو، شمس الدين ڀيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل بئنڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته عام چونڊن ۾ اين اي197 ۽ پي ايس 5 تي ڌانڌلي ڪري من پسند نتيجا حاصل ڪيا ويا آهن، جن کي قبول نه ڪيو ويندو.

هنن مطالبو ڪيو ته اين اي 197 ۽ پي ايس 5 تي جونڊ نتيجن کي رد ڪري نئين سر چوندون ڪرايون وڃن، ٻي صورت ۾ عدالت جو در کڙڪايو ويندو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*