سپريم ڪورٽ آئوٽ آف ٽرن پروموشن ڪيس ۾ سنڌ اندر گهرو سيڪريٽري جي هر ٻئي مهيني تبديلي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪري ڇڏيو

سپريم ڪورٽ، آئوٽ آف ٽرن پروموشن ڪيس ۾ سنڌ اندر گهرو سيڪريٽري جي هر ٻي مهيني تبديلي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عدالتي حڪمن تي عمل نه پيو ٿئي، جن کي انسپيڪٽر ٿيڻو هو، اهي ڊي ايس پي ۽ ايس پي جي عهدن تي آهن، هر ڀيري گهرو سيڪريٽري جي تبديلي پٺيان ڪا نه ڪا گڙ ٻـَڙ ضرور هوندي.

جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ سنڌ ۾ آفيسرن جي آئوٽ آف ٽرن پروموشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران سنڌ حڪومت عدالت ۾ جواب داخل نه ڪرايو، جسٽس امير هاني مسلم جي پڇاڻي تي سنڌ سرڪار جي عملدارن ٻڌايو ته رپورٽ وٽن موجود آهي پر جمع ناهي ڪرائي وئي، هو عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

جسٽس امير هاني مسلم رپورٽ هٿ و هٿ وٺڻ کان انڪار ڪندي چيو ته توهان کي رپورٽ هڪ ڏينهن اڳ جمع ڪرائڻ گهرجي ها.

جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ۾ چيو ته سنڌ حڪومت عدالتي حڪمن تي عمل نه پئي ڪري، ڪيترائي اهڙا پوليس آفيسر آهن، جيڪي اڃا تائين عهدن تي موجود آهي.

عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته جن کي انسپيڪٽر مقرر ڪرڻو هو، انهن کي ڊي ايس پي مقرر  ڪيو پيو وڃي، سنڌ حڪومت اهو سڀ ڄاڻي واڻي ڪري رهي آهي.

جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته جيڪو ماڻهو 94 ۾ ڀرتي ٿيو، حڪومت ان کي ايس پي ڪيئن ٿي مقرر ڪري سگهي.

عدالت، گهرو سيڪريٽري جي هر ٻي مهيني تبديلي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته تبديلي پٺيان ڪا نه ڪا گڙ ٻڙ ضرور هوندي.

سپريم ڪورٽ، سنڌ حڪومت کي ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 16 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*