جوهي ۾ پ پ جي عورت اڳواڻ ممتاز ميمڻ کي اليڪشن ڏينهن تي مبينا تشدد جو نشانو بڻائڻ خلاف پ پ ليڊيز ونگ جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

جوهي ۾ پ پ جي عورت اڳواڻ ممتاز ميمڻ کي اليڪشن ڏينهن تي مبينا تشدد جو نشانو بڻائڻ خلاف پ پ ليڊيز ونگ جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پ پ ڪارڪنن ممتاز ميمڻ، نجمه ڀٽو ۽ فدا کوکر جي اڳواڻي جوهي-دادو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته اليڪشن ڏينهن تي پ پ ليڊيز ونگ جي صدر ممتاز ميمڻ کي تشدد جو نشانو بڻائيندڙ آزاد اميدوار جي حمايتي ساجن پهنور کي پوليس گرفتار نه ڪري رهي آهي.

ھنن، چيف جسٽس آف پاڪستان کان گهر ڪئي ته عورتن کي تشدد جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*