پاڪستان تحريڪ انصاف جَي اڳواڻ نعيم الحق چيو آهي ته 2018ع جون چونڊون صاف ۽ شفاف ٿيون آهن

پاڪستان تحريڪ انصاف جَي اڳواڻ نعيم الحق چيو آهي ته 2018ع جون چونڊون صاف ۽ شفاف ٿيون آهن، عمران خان ڌانڌلي جي الزامن تي سمورا تڪ ٻيهر کولڻ لاءِ تيار  آهي، پنجاب ۾ به تحريڪ انصاف  جي حڪومت هوندي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  قومي اسيمبلي ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ اڪثريت تحريڪ انصاف سان گڏ آهي، حڪومت پي ٽي آءِ ئي ٺاهيندي.

هن چيو ته، پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ مختلف پارٽين سان اتحاد جو آپشن موجود آهي، پر پيپلز پارٽي سان ڪنهن به قسم جو الحاق ۽ اتحاد نه ٿيندو.

هن چيو ته پنجاب ۾ آزاد اميدوارن سان رابطا شروع ڪيا ويا آهن، جلد اڪثريت اميدوارن جي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي ويندي.

هڪ سوال جَي جواب ۾ نعيم الحق چيو ته پيپلز پارٽي سان اتحاد نه ٿيندو، عام چونڊن ۾ ڪجهه خامين جي نشاندهي ٿي، جن جي جاچ ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته عمران خان اعلان ڪيو آهي ته جن تڪن تي ڌانڌلي جون شڪايتون آهن، هو اهي کولرائڻ لاءِ تيار آهن……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*