اليڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيمبليز جي 840 تڪن مان 832 جا نتيجا جاري ڪري ڇڏيا

اليڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيمبليز جي 840 تڪن مان 832 جا نتيجا جاري ڪري ڇڏيا، اليڪشن ڪميشن موجب، تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي جون 114 سيٽون کڻي پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته ن ليگ کي 63، پ پ 43 سيٽون مليون آهن.

اليڪشن ڪميشن موجب، قومي ۽ صوبائي اسيمبليز جي 8 سئو 40 تڪن تي چونڊون ٿيون، جن مان 8 سئو 32 تڪن جا نتيجا ملي ويا آهن.

اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل نتيجن موجب، پاڪستان تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي جون 114 سيٽون کڻي پهرين پوزيشن تي برقرار آهي.

نواز ليگ کي 63، پيپلز پارٽي کي 43 سيٽون مليون، جڏهن ته 14 سيٽن تي آزاد اميدوار سوڀارا ٿيا آهن.

اليڪشن ڪميشن موجب، متحده مجلس عمل کي قومي اسيمبلي جون 11،  ايم ڪيو ايم پاڪستان 6 ۽ پاڪستان مسلم ليگ 5 سيٽون کنيون آهن.

اليڪشن ڪميشن موجب، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس 2 سيٽن تي سوڀ ملي آهي، جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انسانيت کي هڪ سيٽ تي ڪاميابي ملي آهي.

سنڌ اسيمبلي ۾

……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*