ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ڪارروائي ڪندي 9 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو، رينجرز ترجمان موجب

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ڪارروائي ڪندي 9 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو، رينجرز ترجمان موجب، حراست ۾ ورتل جوابدارن وٽان  هٿيار ۽ ڦر ڪيل سامان هٿ ڪيو ويو آهن، جن کي قانون ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

شاهه فيصل ڪالوني ۾ رينجرز ڪارروائي ڪندي ٻن جوابدارن محمد طاهر حسين خان عر طاهر بندو ۽ محمد سميع کي گرفتار ڪري ورتو.

رينجرز ترجمان موجب، حراست ۾ ورتل جوابدار سياسي پارٽين جي ريلين ۾ جهيڙو ڪرائڻ ۽ فساد پکيڙڻ جو الزام آهي.

هوڏانهن گبول ٽائون ۾ رينجرز ۽ پوليس  گڏيل ڪارروائي ڪندي 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب، حراست ۾ ورتل جوابدارن ۾ عرفان عرف عفي، وڪيل الدين عرف ڀيا، مستقيم عرف مولي، محمد ڪاشف، محمد ڪاشان، محمد مدثر عرف پدي ۽ ايان عرف فائز شامل آهن.

پوليس موجب، حراست ۾ ورتل جوابدارن وٽان غيرقانوني هٿيار، ڌماڪيدار مادو ۽ منشيات هٿ ڪئي وئي آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*