بجلي چوري ڪندڙن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي، عابد شير علي

پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته بجلي چوري ڪندڙن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي، بجلي جي رهتن جي مد ۾ صوبن کان 100 ارب رپين کان  وڌيڪ  آهن.

 قومي اسيمبلي ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران ڳالهائيندي عابد شير علي چيو ته ٻن سالن ۾ گردشي قرض گهٽ ٿيا آهن، بجلي جي مد ۾ صوبن ڏي 100ارب رپين کان وڌيڪ رهتون آهن، جڏهن ته بلوچستان کي ٽيوب ويل جي مد ۾ به 129 ارب رپيا ادا ڪرڻا آهن.

هن چيو ته بجلي جي چوري کي روڪڻ لاءِ اپاءُ وٺي رهيا آهيون، گرمين  ۾ گهٽ کان گهٽ لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي ۽ ايندڙ سال لوڊشيڊنگ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي.

عابد شير علي چيو ته جنهن به علائقن ۾ 70 سيڪڙو ڪنڊا هوندا، اتي 20 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي.

پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته آءِ ڊي پيز جي ذمي هڪ سئو 49 ارب ادائيگي جوڳا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*