فيض گنج ويجهو ڪار ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٽن عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا

فيض گنج ويجهو ڪار ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٽن عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا،جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويوآهي.

مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي ڪوٽ لالو ڀرسان پير جو ڳوٺ واسين جي تيز رفتارڪار ڪلٽي ٿي پئي.

 حادثي ۾6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي ڪوٽ لالو جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويوآهي.

زخمين ۾ ڊرائيور قربان شيخ، واجلي ڪولهي، رميش، جامي، ناوي ۽ انجو ڪولهي شامل آهن.

حادثي جو شڪار ٿيل ڳوٺاڻاپير ڳوٺ کان ٻانڌي وڃي رهيا هئا………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*