ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نقيب قتل ڪيس جي ٻڌڻي 18 آگسٽ تائين ملتوي ڇڏي آهي

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نقيب قتل ڪيس جي ٻڌڻي 18 آگسٽ تائين ملتوي ڇڏي آهي، عدالت رائو انوار بعد وڌيڪ ٽن اهلڪارن جي 2-2 لک رپين عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت ڊي ايس پي قمر احمد جي به ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نقيب قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻو ايس ايس پي ملير رائو انوار ۽ ڪيس ۾ نامزد جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا.

عدالت رائو انوار کانپوءِ هيڊ  انسٽيبل خضر حيات، انسپيڪٽر محمد ياسين، اي ايس آءِ سپرد حسين جي به ٻن ٻن لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس ۾ نامزد ڊي ايس پي قمراحمد جي به ضمانت  واري درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي 18 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*