پنجاب جَي علائقي حافظ آباد ۾ گهرو اڻبڻت تان واهه ۾ اڇلايل عورت جو لاش ڪڍيو ويو

پنجاب جَي علائقي حافظ آباد ۾ گهرو اڻبڻت تان واهه ۾ اڇلايل عورت جو لاش ڪڍيو ويو، سندس چئن مهينن جي ٻارڙي جي ڳولا جاري آهي،  جڏهن ته پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

گذريل ڏينهن حافظ آباد ويجهو جوابدار ظفر اقبال گهرو اڻبڻت تان پنهنجي گهر واري عائشه بي بي ۽ سندس چئن مهينن جي پٽ  علي حيدر کي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو هو.

پوليس مقامي ٺوٻن جي مدد سان عورت جو لاش هٿ ڪري پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته معصوم ٻارڙي جي ڳولا جاري آهي.

پوليس موجب، واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدار  ظفر  اقبال کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*