بدين جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 230 ۽ صوبائي تڪ پي ايس 73 جي چونڊن نتيجن خلاف درخواستن تي ووٽن جي ڳڻپ شروع ٿي وئي آهي

بدين جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 230 ۽ صوبائي تڪ پي ايس 73 جي چونڊن نتيجن خلاف درخواستن تي ووٽن جي ڳڻپ شروع ٿي وئي آهي.

اين اي 230 بدين تي جي ڊي اي اميدوار فهميدا مرزا جي ڪاميابي خلاف پ پ اميدوار حاجي رسول بخش چانڊيو جي درخواست تي تڪ جي ووٽن جي ڳڻپ شروع ڪئي وئي آهي.

پي ايس 73 بدين تي پ پ اميدوار تاج محمد ملاح جي ڪاميابي خلاف جي ڊي اي اميدوار فهميدا مرزا پاران داخل ڪرايل درخواست تي اڄ ٻيهر تڪ جي ووٽن جي ڳڻپ شروع ڪئي وئي آهي.

اين اي 230 تي فهميدا مرزا کي 860 ووٽن تان ڪامياب ڄاڻايو ويو آهي، جڏهن ته پي ايس 73 تي تاج محمد ملاح کي 281 ووٽن تان ڪامياب ڄاڻايو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*