ايف آئي اي پاران قائم ڪيل  جي آئي ٽي جي اجلاس ۾ اڄ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي طلب ڪيو ويو آهي

ايف آئي اي پاران قائم ڪيل  جي آئي ٽي جي اجلاس ۾ اڄ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي طلب ڪيو ويو آهي، ايف آئي اي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي اڪائونٽس ۾ منتقل ٿيندڙ رقم جي حوالي سان آڏي پڇا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.

ايف آئي اي پاران قائم ڪيل جي آئي ٽي جو اجلاس گذريل ڏينهن نجف مرزا جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي اڄ بيان ڏيڻ لاءِ گهرايو ويندو.

آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر اڄ ايف آءِِ اي آڏو پيش ٿيندا،جتي اڪائونٽس ۾ منتقل ٿيندڙ رقم جي حوالي سان آڏي پڇا ڪئي ويندي.

جي آئي ٽي جا سمورا ميمبر زرداري گروپ کي منتقل ٿيندڙ رقم جي حوالي سان پڇاڻو ڪندا، مني لانڊرنگ ۾ ملوث هجڻ جا ثبوت سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيا ويندا.

ايف آئي اي دعوا ڪئي آهي ته زرداري گروپ ۾ رقم جي منتقلي جا وڌيڪ ثبوت ملي ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*