دولتپور صفن ۾ شهرين ۽ هڪ سياسي جماعت پاران ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

دولتپور صفن ۾ شهرين ۽ هڪ سياسي جماعت پاران ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ شهرين پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن الزام مڙهيو ته ٽائون ڪاميٽي انتظاميا پاران ڪروڙين رپين جي فنڊز ۾ ڪرپشن ڪرڻ سبب ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيا آهن.

هنن چيو ته انتظاميا جي نااهلي سبب شهر ۾ گٽر اٿلي پيا آهن ۽ رستا نالن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن.

احتجاج ڪندڙن گهر ڪئي ته ترقياتي ڪم ڪرائي فنڊز ۾ ڪرپشن ڪندڙن خلاف جاچ ڪرائي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*