پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ ۽ چونڊ نتيجن تي خدشن بابت ن ليگ جي صدر شهباز شريف سڀاڻي ٻيهر پارٽي اڳواڻن جو اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي

پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ ۽ چونڊ نتيجن تي خدشن بابت ن ليگ جي صدر شهباز شريف سڀاڻي ٻيهر پارٽي اڳواڻن جو اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.

ن ليگ جي صدر ميان شهباز شريف سڀاڻي ماڊل ٽائون لاهور ۾ قومي اسيمبلي جي نئين چونڊيل ميمبرز ۽ ٻين اڳواڻن جو اجلاس سڏايو آهي.

اجلاس ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ اٿاريل سمورن آپشنز تي غور ويچار ڪيو ويندو، جڏهن ته اجلاس ۾ ٿيل فيصلن بابت آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ پارٽين کي آگاهه ڪيو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف پارٽي اڳواڻن کي پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ آزاد اميدوارن سان رابطن جو ٽاسڪ ڏيندو، جڏهن ته هم خيال پارٽين سان به رابطا ڪيا ويندا………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*