ڄامشوري جي ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر صوبائي تڪ پي ايس 82 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ واري سڪندر شورو جي درخواست رد ڪري ڇڏي

ڄامشوري جي ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر صوبائي تڪ پي ايس 82 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ واري سڪندر شورو جي درخواست رد ڪري ڇڏي، سڪندر شورو جي حامين ڊي آر او آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو، پوليس پهچي ڪري احتجاج ڪندڙن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو.

ڄامشوري جي آر او، پي ايس 82 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ لاءِ آزاد اميدوار ڊاڪٽر سڪندر شورو پاران داخل ڪرايل درخواست رد ڪري ڇڏي.

درخواست رد ٿيڻ کانپوءِ سڪندر شورو جي حامين ڊي آر او آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو، جنهن کانپوءِ پوليس پهچي ڪري احتجاج ڪندڙن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو.

ووٽن جي ڳڻپ واري درخواست رد ٿيڻ وقت سڪندر شورو، سيد جلال محمود، ملڪ چنگيز خان ۽ پير زمان شاهه جيلاني ڊي آر او آفيس ۾ موجود هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*