ميھڙ جي رٽرننگ آفيسر، قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 234 جي چونڊ نتيجن خلاف پي ٽي آءِ اڳواڻ لياقت جتوئي جي درخواست تي پ پ جي ڪامياب اميدوار عرفان لغاري کي طلب ڪري ورتو آهي

ميھڙ جي رٽرننگ آفيسر، قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 234 جي چونڊ نتيجن خلاف پي ٽي آءِ اڳواڻ لياقت جتوئي جي درخواست تي پ پ جي ڪامياب اميدوار عرفان لغاري کي طلب ڪري ورتو آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ لياقت جتوئي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 234 ميهڙ تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ لاءِ ميهڙ جي آر او وٽ درخواست داخل ڪرائي، جنهن تي پ پ جي ڪامياب قرار ڏنل اميدوار عرفان لغاري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

آر او ٻنھي ڌرين جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بابت درخواست تي حتمي فيصلو ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*