ڪشمير بابت پاڪستان پنهنجي موقف تي اڄ به اٽل آهي، پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم

پاڪستان، يمن ۾ رهندڙ پنهنجي شهرين کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي،  پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم چيو آهي ته سعودي عرب يمن جي صورتحال تي رابطو ڪري پاڪستان کان مدد گـُهري آهي،  خراب حالتن سبب صنعا ۾ مشن بند ڪرڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، ڪشمير بابت پاڪستان پنهنجي موقف تي اڄ به اَٽل  آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا کي هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم چيو ته پاڪستان يمن جي صورتحال کي مانيٽر ڪري رهيو آهي ۽ حالتن جو جائزو ورتو پيو وڃي، يمن ۾ رهندڙ پاڪستاني شهرين کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.

هن چيو ته عالمي برادري يمن جي صورتحال تي پاڪستان سان رابطي ۾ آهي، سعودي عرب رابطو ڪري ان حوالي سان مدد گهري آهي.

پرڏيهي ترجمان چيو ته اميد آهي ته يمن جي صورتحال ۾ بهتري اچي ويندي، ان حوالي سان پاڪستاني سفارتخانو مڪمل رابطي ۾ آهي، پاڪستان صنعا ۾ پنهنجي مشن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ناهي ڪيو.

هن وڌيڪ چيو ته ڪشمير مسئلي بابت پاڪستان پنهنجي موقف تي آهي، ڪشمير مسئلي اتان جي عوام جي خواهشن موجب حل ٿيڻ گهرجي.

تسنيم اسلم وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن  جا ٺهراءَ ئي ڪشمير مسئلي جو واحد حل آهن.

پرڏيهي ترجمان چيو ته سمجهوتا ايڪسپريس تي حملو ڪندڙ جوابدار اڃا تائين آزاد گهمي رهيا آهن، حملي جا متاثر انصاف جي منتظر آهن، ڀارت جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*