پنجاب ۾حڪومت ٺاهڻ لاءِ تحريڪ انصاف آزاد اميدوارن سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا، جهانگير ترين ڏکڻ پنجاب جي آزاد اميدوارن سان ملاقات ڪئي آهي

پنجاب ۾حڪومت ٺاهڻ لاءِ تحريڪ انصاف آزاد اميدوارن سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا، جهانگير ترين ڏکڻ پنجاب جي آزاد اميدوارن سان ملاقات ڪئي آهي.

پنجاب ۾ حڪومت ڪيئن ٺاهجي، آزاد اميدوارن توڙي هم خيال پارٽين سان رابطن جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين ليا ۽ ڊيرا غازي خان جي اميدوارن سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران آزاد اميدوارن پي ٽي آءِ ۾ شموليت جي خاطري ڪرائي آهي.

آزاد اميدوار سلمان نعيم اڄ اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان ملاقات ڪري پارٽي ۾ شموليت جو باضابطه اعلان ڪندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڏکڻ پنجاب جي 6 آزاد اميدوارن به تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جي خاطري ڪرائي آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*