کڏڙي ۾ حرن جي روحاني پيشوا پيرپاڳاري جون توهين آميز تصويرون سماجي ميڊيا تي موڪلڻ خلاف حر جماعت پاران ڏنڊا بردار ٿي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

کڏڙي ۾ حرن جي روحاني پيشوا پيرپاڳاري جون توهين آميز تصويرون سماجي ميڊيا تي موڪلڻ خلاف حر جماعت پاران ڏنڊا بردار ٿي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

حر جماعت جي مڇريل ماڻهن روحاني پيشوا پيرپاڳاري جون توهين آميز تصويرون سوشل ميڊيا تي موڪلڻ خلاف کڏڙو پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

حر جماعت جي مڇريل ماڻھن جو چوڻ هو ته سندن روحاني پيشوا خلاف سوشل ميڊيا تي توهين واريون تصويرون جاري ڪري سندن جماعت جا احساس مجروح ڪيا ويا آهن.

احتجاج ڪندڙن گهر ڪئي ته حر جماعت جي پيشوا پير پاڳاري جون غير اخلاقي تصويرون هٽائي گستاخي ڪندڙ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*