ڪراچي ايئرپورٽ تي اميگريشن اهلڪارن پاران مسافر تي تشدد واري واقعي جي وڊيو سامهون اچن بعد جاچ شروع ڪندي پنجن ئي اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي

ڪراچي ايئرپورٽ تي اميگريشن اهلڪارن پاران مسافر تي تشدد واري واقعي جي وڊيو سامهون اچن بعد جاچ شروع ڪندي پنجن ئي اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي، شروعاتي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي مسافر نشي واري حالت ۾ اهلڪارن سان بدتميزي ڪئي،جنهن تان اهلڪارن مٿس تشدد ڪيو.

ڪراچي ايئرپورٽ تي اميگريشن اهلڪارن پاران محمد عمير نالي مسافر تي تشدد واري واقعي جي وڊيو سامهون اچن بعد جاچ شروع ڪندي پنجن ئي اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي.

اميگريشن اختيارين پاران شروعاتي جاچ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مسافر نشي واري حالت  ۾ هو ته اهلڪارن کيس روڪيو ته هن بدتميزي ڪئي، جنهن تان اهلڪارن مٿس تشدد ڪيو آهي.

 ايئرپورٽ ٿاڻي جي پوليس پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مسافر جو ذهني توازن درست ناهي،جنهن ڪري کيس آزاد ڪري وارثن حوالي ڪيو ويوآهي.

ايس ايس پي ملير منير شيخ جو چوڻ آهي ته مسافر کي 25 تاريخ تي ايئرپورٽ ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪيو ويو هو، جنهن بعد جاچ بعد پتو پيو ته مسافر جو دماغي توازن درست ناهي،ان ڪري کيس وارثن حوالي ڪيوويوآهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*