روهڙي ۾ هند ۽ سنڌ جي عظيم صوفي شاعر عالم فقير قادر بخش بيدل جي سالياني عرس جون تقريبون شروع ٿي ويون آهن

روهڙي ۾ هند ۽ سنڌ جي عظيم صوفي شاعر عالم فقير قادر بخش بيدل جي سالياني عرس جون تقريبون شروع ٿي ويون آهن.

فقير قادر بخش بيدل جي 150هين عرس جي پهرين ڌمال واري ڏينهن تي ڪمشنر سکر منظور علي شيخ مزار تي چادر چاڙهي عرس جو افتتاح ڪيو.

افتتاح جي موقعي تي بيدل جي فقيرن ڪلام ڳائي داد وصول ڪيو، جڏهن ته ساليانو عرس 3 ڏينهن جاري رهندو.

 ان موقعي تي راڳ رهاڻ جون محفلون، ادبي ڪانفريس، محفل مشاعرو ۽ ٻيا پروگرام شامل ڪيا ويا آهن……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*