لاڙڪاڻي جي تڪ اين اي 200 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ لاءِ ايم ايم اي اميدوار پاران ڏنل درخواست ريٽرننگ آفيسر رد ڪري ڇڏي آهي

لاڙڪاڻي جي تڪ اين اي 200 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ لاءِ ايم ايم اي اميدوار پاران ڏنل درخواست ريٽرننگ آفيسر رد ڪري ڇڏي آهي.

ايم ايم اي اميدوار راشد محمود سومرو پاران ريٽرننگ آفيسر وٽ درخواست داخل ڪرائي وئي هئي.

لاڙڪاڻي جي تڪ اين اي 200 تان پ پ اميدوار بلاول ڀٽو زرداري کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي.

ان حوالي سان بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومرو ٻڌايو ته پوسٽل بيلٽ پيپرز جي ڳڻپ ۾ به بلاول ڀٽو جا ووٽ وڌيڪ نڪتا آهن.

هن چيو ته بلاول ڀٽو 30 هزار کان وڌيڪ ووٽن جي فرق سان ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*