اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي سزا خلاف اپيلن تي ٻه رڪني بئنچ قائم ڪري ڇڏي آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي سزا خلاف اپيلن تي ٻه رڪني بئنچ قائم ڪري ڇڏي آهي، شريف ڪٽنب اپيلن ۾ احتساب عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ ۽  ضمانتون منظور ڪرڻ جي استدعا ڪئي هئي.

اڊيالا جيل  ۾ قيد نواز  شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن ريٽائرد صفدر جي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا خلاف اپيلن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ قائم ڪئي وئي آهي.

جسٽس عامر فاروق جي تي ٻڌل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪندي.

اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر جي وڪيلن پاران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل اپيلن ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته احتساب عدالت جي فيصلي ۾ قانوني گهرجون پوريون ناهن ڪيون ويون.

درخواستن ۾ احتساب عدالت جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏين، نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر جي ضمانت منظور ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*