دهشتگردي ٽوڙ عدالت رينجرز جي فائرنگ ۾ نوجوان جي مارجڻ واري ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت شاهراهه فيصل تي مبينا طور رينجرز جي فائرنگ ۾ نوجوان جي مارجڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڌرين جا ٻيهر دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت شاهراهه فيصل تي رينجرز جي فائرنگ ۾ ميمڻ ڳوٺ واسي نوجوان غلام حيدر جي قتل ڪيس جي ڪارروائي هلائي.

رينجرز اهلڪار شهزاد مسيح جي درخواست تي عدالت ڌرين جا ٻيهر دليل ٻڌڻ بعد فيصلو 9 اپريل تائين محفوظ ڪري ورتو.

واضح رهي ته شاهراهه فيصل تي نئون پرڻيل نوجوان غلام حيدر ميمڻ ڳوٺ وڃي رهيو هو ته پٺيان کان رينجرز اهلڪارن فائرن ڪري ڏني، جنهن ۾ هو مارجي ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*