ڪراچي جَي علائقي هاڪس بي ۾ ٻن نوجوانن جا گٽر مان لاش هٿ آيا آهن، جن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي

ڪراچي جَي علائقي هاڪس بي ۾ ٻن نوجوانن جا گٽر مان لاش هٿ آيا آهن، جن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

هاڪس بي جي بيظير ٽائون مان گٽر ۾ ٻن نوجوانن جا لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي نوجوان جا لاش گٽر مان ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪيا، جتي سندن سڃاڻپ نه ٿي سگهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، في الحال ان حوالي سان ڪجهه به نٿو ٻڌائي سگهجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*